سنڌي ادب2

سنڌي ادب2

سنڌي ادب2

سنڌي ادب2 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري اديب يوسف سنڌيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ، 100 سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي تخليقي ڪم جو جائزو پيش ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي ٻن نياڻين، چئن پٽن ۽ گهر واريءَ جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ هند جي به ڪجهه سنڌي اديبن جا خاڪا شامل آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جو پروفائيل ڏنو ويو آهي.
ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائيٽل سان، پڪي جلد ۾ 528 صفحن تي مشتمل، هن ڪتاب جي قيمت 550 روپيا آهي، ۽ هي سچائي اشاعت گهر دڙي (ضلعي ٺٽيجولاءِ 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو